ڪنڌڪوٽ : گھر اندر راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب چئن ٻارن سميت اٺ ڄڻا اجل جو شڪار

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ ) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺاڻي شاهه علي سبزوئي جي گهر ۾ راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي ۾ 5 ورهين جو راشد محمد، حنيفان، اياز ۽ نياز احمد سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ خديجه ۽ شائسته سميت 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب، راڪيٽ جو گولو ڦاٽڻ سبب اجل جو شڪار ٿيل هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو، مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڌماڪي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي ويا.

ٻئي پاسي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پولس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نگران وڏي وزير چيو ته راڪيٽ جو گولو ڳوٺ ۾ ڪيئن پهتو، ڇا هٿيارن جي کيپ ڪچي ۾ اسمگل ٿي رهي هئي؟ راڪيٽ جو گولو ڪيئن بلاسٽ ٿيو؟تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.