ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير وارو مامرو، عمران خان خلاف ڪيس خارج ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ادارن خلاف زهر اوڳاڇڻ واري ڪيس ۾ عمران خان خلاف ڪيس خارج ڪرڻ وارو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڪيو ويو آهي.

درخواستگذار عبدالخليل ڪاڪڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان ادارن خلاف توهين جوڳي ۽ چرڏياريندڙ تقرير واري معاملي تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

سُپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ چيئرمين جاچ ۾ شامل نه ٿيو، عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو.

اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان ڪيس ۽ گرفتاري وارنٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

سُپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين زمان پارڪ لاهور ۾ ادارن ۽ مُلڪ خلاف تقرير ڪئي، هاءِ ڪورٽ 28 آگسٽ تي ايف آءِ آر ۽ گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا، سُپريم ڪورٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪوئيٽا ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جيڪو بلوچستان هاءِ ڪورٽ خارج ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.