آشوب چشم وبا، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا 4 ڏينهن لاءِ بند، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آشوب جشم سبب پنجاب ۾ تعليمي ادارا چئن ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا، پنجاب حڪومت تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نگران پنجاب سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ سمورا سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا چئن ڏينهن لاءِ بند رهندا، جڏهن ته راولپنڊي جا تعليمي ادارا سڀاڻي کان آچر تائين بند رهندا.

ياد رهي ته پنجاب جي مختلف علائقن ۾ آشوب جشم ۾ مبتلا 87 ڄڻا مخصوص انجيڪشن سبب اکين جو نور وڃائي ويٺا جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جون اکيون ضائع ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.