حرم پاڪ ۾ جيب ڪترن سميت پرڏيهه ۾ گرفتار ٿيندڙ 90 سيڪڙو پينو فقيرن جو تعلق پاڪستان سان!

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سمنڊ پار پاڪستانين جي معامرن واري سيڪريٽري سينيٽ جي اسٽينڊنگ جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جي پينو قفير سڀ کان وڌيڪ ٻاهرين مُلڪ وڃن ٿا.

سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين منظور ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس دوران سينيٽر راڻا محمود الحسن چيو ته جپان ٽي لک چاليهه هزار هنرمند ماڻهو گهريا آهن، ڀارت ڏيڍ لک، نئپال 91 هزار هنرمند جپان موڪليا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا به هنرمند ماڻهو جپان موڪليا پر پاڪستان مان رڳو ٻه سئو ماڻهو جپان ويا.

هن چيو ته اسان وٽ پنجاهه هزار انجينيئر بيروزگار ويٺا آهن، جڏهن ته نئپال جي ٽي ڪروڙ آبادي آهي، انهن پنهنجي ماڻهن کي جپاني سيکاري ڇڏي، سعودي عرب کي به هنرمند ماڻهو گهربل آهن، سعودي کي هاڻي سادو ليبر نه اسڪلڊ ليبر کپي.

سينيٽر راڻا محمود الحسن وڌيڪ چيو ته اسان جا ٽيهه لک ماڻهو سعودي عرب ۾ آهن، نيوٽيڪ سفارش تيار ڪري سعودي عرب اُماڻي آهي، اسان جيڪو پهرين پرپوزل تيار ڪيو هو سعودي عرب رد ڪري ڇڏيو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار ماڻهن کي سکيا ڏئي موڪلڻو پوندو.

سمنڊ پار پاڪستانين جي معاملن واري سيڪريٽري ذيشان خانزاده اجلاس کي ٻڌايو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو انگ اٽڪل هڪ ملين ٿئي ٿو ، ڀارت ۽ بنگلاديش اسان کان گهڻو اڳتي آهن، سعودي عرب ۾ اسڪلڊ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، يواي ايِ ۾ اسان جا سورنهن لک ماڻهو آهن جڏهن ته قطر ۾ ٻه لک پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪا صورتحال آهي ان ۾ اسان جا ماڻهو ٻاهرين مُلڪ وڃڻ لاءِ تيار آهن، ماڻهو روزگار لاءِ پرڏيهه وڃڻ تي پنجاهه لک به ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

سمنڊ پار پاڪستانين اختيارين ٻڌايو ته جپان سان 2019ع ۾ اسان جو معاهدو ٿيو، اسان ٻولي کي سکيا به ڏيندا آهيون جنهن جي منظوري جپان پاڻ ڏيندو آهي.

ذيشان خانزاده اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسان جا گداگر وڏي انگ ۾ ٻاهر وڃي رهيا آهن، جيترا پينو فقير گرفتار ٿيندا آهن انهن ۾ نوَي سيڪڙو پاڪستاني هوندا آهن، عراقي ۽ سعودي سفير اسان کي چوندا آهن جيل ڀرجي ويا آهن، هاڻي اِهو هيومن ٽريفڪنگ جو مسئلو آهي.

هن چيو ته حرم پاڪ اندر جيترا جيب ڪترا پڪڙيا ويندا انهن ۾ سڀ کان گهڻو انگ پاڪستاني جو هوندو آهي، پينو فقير گهڻي قدر سعودي عرب عمري جي جي ويزا تي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.