ست آڪٽوبر تي نئون نيول چيف چارج سنڀاليندو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان نيوي ۾ ڪمانڊ جي تبديليءَ  جي تقريب 7 آڪٽوبر تي ٿيندي، ڇو ته موجوده نيول چيف 6 آڪٽوبر  تي رٽائر ٿي ويندو.

نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته موجوده نيول چيف جنرل امجد نيازي کي عمران خان پنهنجي دور ۾ مقرر ڪيو هو، جنهن جو مدو 6 آڪٽوبر تي پورو ٿي رهيو آهي.

دفاع واري وزارت کي 5 نالا اماڻيا ويا آهن، جن ۾ نويد اشرف، اويس بلگرامي، عبدالصمد، راجا ربنواز ۽ فيصل عباسي جا نالا شامل آهن، جيڪي مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن 5 نالن مان ڪنهن هڪ کي نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ مقرر ڪندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 27 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.