جنرل باجوا کي مدي ۾ واڌ جي نواز شريف حمايت ڪئي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏيڻ لاءِ نواز شريف هڪ خط خواجه آصف کي  لکيو هو.

نامياري صحافي انصار عباسي پنهنجي وي لاگ  ۾ نواز شريف جو لکيل خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ نواز شريف لکيو ته قومي اسيمبليءَ  مان ملازمت مدي ۾ واڌ جو قانون جلد بازي ۾ منظور نه ڪيو وڃي، قانون  تي غور فڪر لاءِ ڪجهه وقت لڳايو وڃي، ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ملازمت مدي ۾ واڌ جي حمايت ڪئي وڃي پر ان لاءِ  پارلياماني روايتن کي  اختيار ڪيو وڃي.

صحافي موجب اهو تاثر غلط  آهي ته (ن) ليگ نواز شريف کي اعتماد ۾وٺڻ بنا جنرل باجوه کي ملازمت مدي ۾ واڌ جي حمايت ڪئي هئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 27 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.