ٺٽي جون حدون ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جي امڪاني فيصلي خلاف پ پ،سول سوسائٽي جو سخت ردعمل

ڌاٻيجي(ن ع آ) اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجي پاران  ضلعي ٺٽي جي تڪ بندي دوران ڪجهه علائقا ٽوڙي امڪاني طور ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاھ ڪيو آھي ته ڊجيٽل آم شماري دوران ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوھستاني پٽي سميت ٻين علائقن ۾ برسات سبب ھزارين ماڻھو لڏ پلائڻ ڪري ھليا ويا ھئا ۽ سامونڊي پٽي ۾ مسلسل پاڻي کوٽ جي ڪري به لڏپلاڻ ٿي جن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو ويو ھو، ۽ اھڙي آگاھي آدم شماري ڪميٽي سميت وفاق جي اعلي ايوانن کي به ڏني ھئي تنھن ڪري ضلعي جي تڪن کي ٽوڙڻ يا ردوبدل نه ڪيو وڃي ھن چيو ته ڊجيٽل آم شماري تي به پارٽين ۽ عوام کي خدشا آھن، حقيقي انگ اکرن موجب ٺٽي ضلعي ۾ هڪ قومي ۽ ٽي صوبائي تڪ پورا اچڻ کپن. موجودا انگن اکرن موجب ڏھ سيڪڙو گهٽ وڌائي فارمولي تحت ٽيڪنيڪلي به جوڙجڪ سان هڪ قومي ۽ ٽي صوبائي تڪ مڪمل ٿي سگهن ٿا. ھن چيو ته ٺٽو ضلعو تاريخي، تقافتي ھجڻ سان گڏ رامسر سائيٽز وارو ضلعو قرار ڏنل آھي، جنهن ۾ سنڌو دريا جي پڇاڙ، سامونڊي پٽي، ڊيلٽا شامل آهن. وڏي ڳالھ اڳ ۾ هن ضلعي کي ٽوڙي ان کي اڌ ڪيو ويو ھو ۽ ھاڻ وري تڪن کي ٽوڙي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ به ھن ضلعي جي تاريخ ۽ ثقافت سان ھٿ چراند ڪئي وئي، ڀنڀور، مڪلي، ھاليجي ۽ ڪينجھر ڍنڍ سميت ڪيترائي تاريخي تقافتي ۽ عالمي ورثا به ھن ضلعي جي تاريخي حيثيت جي گواھي ڏين ٿا، تنھن ڪري تڪن کي ٽوڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻئي پاسي اڳوڻي ايم پي اي امير حيدر شاھ شيرازي چيو ته هڪ سازش تحت ضلعي ٺٽي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي برساتن ۽ بيروزگاري سبب هتان جي ماڻھن روزگار ٻين ڏانهن وڃڻ ڪري ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڳڻٻ ناهي ٿي سگهي تنهن ڪري ڊجٽل آدمشماري ذريعي پراڻي ڳڻپ بحال ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت مزاحمت ڪبي سول سوسائٽي ٺٽو جي اڳواڻن نظام جوکيو ،عمر ناهيو ،شاهد سمون ۽ ٻين چيو ته تڪبندين جي آڙ ۾ سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي نقشي ۾ هٿ چُراند جو انڪشاف، ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي جي حصي کي ٽوڙي ملير ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ تي سنبتون ڪيون پيون وڃن ٺٽي ضلعي جي نئين آدمشماري تحت آبادي گھٽ ڄاڻائي ٽن صوبائي تڪن ٺٽو گهوڙاٻاري ۽ ميرپور ساڪرو مان هڪ صوبائي تڪ ختم ڪرڻ جو فيصلو ويو آھي جيڪو قابل مذمت جوڳو عمل آھي ٺٽي ضلعي جي 10 لک 87 هزار آبادي تحت صرف ٺٽي ۽ گهوڙاٻاري جي صوبائي تڪن کي بحال رکي ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي ختم ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته ميرپور ساڪرو جي گهارو ڌاٻيجي ڀنڀور گُجو ۽ هاليجي کان ويندي جنگشاهي تائين وارو علائقو نئين صوبائي تڪ ۾ شامل ڪري ملير سان ملائڻ جو فيصلو ناقابل برداشت  آھي ٺٽي جي ٽن صوبائي تڪن مان هڪ صوبائي تڪ کي ختم ڪري اصل ۾ ڀنڀور کان ٻُھارا ميرپور ساڪرو تائين ساحلي پَٽي ۽ ڌاٻيجي کان جنگشاهي تائين ڪوهستاني پٽي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڇيڙڇاڙ ڪري نئون تڪ بنائڻ جو مقصد اڪنامڪ زون جي نالي تي سيٽلائيٽ نيو ٽائون شھر ٺاهيو پيو وڃي، جنھن سان تاريخي ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي حدن جي ڇيڙڇاڙ ڪري مقامي سوين ڳوٺن کي متاثر ڪيو ويندو.

سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون تياريون پيون ٿين: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) بوگس ڊجيٽل آدمشماري جي ظاھر ڪيل ھٿ ٺوڪين انگن اکرن تحت ٿيندڙ تڪ بندين وسيلي سنڌ کان ڪراچي  کي الڳ ڪري سنڌ خلاف سازش سٽي سنڌ جي دل ۽ تختگاھ ڪراچي کي دهشتگرد مافيا جي چنبي ۾ ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. پي ڊيم ايم ۽ پيپلزپارٽي جي حُڪومت تڪراري فراڊي ۽ فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي ايم ڪيو ايم جي مرضيء مطابق  من پسند نتيجا ڪڍي سنڌي عوام جي تاريخي  وجود کي ميسارڻ جي سازش ڪئي  آھي. نين  تڪ بندين وسيلي ٺٽي سجاول خيرپور سانگھڙ ۽  شڪارپور جون چار قومي ۽ صوبائي اسيمبليء جون سيٽون گھٽائي  ايم ڪيو ايم جون سيٽون وڌائي کين فائدو ڏئي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آھي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، مرڪزي اڳواڻ ستار رند ۽ علي محمد پرويز پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو  ته ايم ڪيو ايم جو دھشتگرد ٽولو شروع کان وٺي اھو مطالبو  ڪندو رھيو آھي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري جدا صوبو ٺاھي ڏنو وڃي سنڌي عوام  نين تڪبندين تحت بدنام زمانہ ايم ڪيو ايم جي دھشتگرد ٽولي کي ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ سيٽون وڌائي  ڏيڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي مطالبو  ڪري ٿو ته  وقت کان اڳ ڪرايل تڪراري بوگس ۽ فراڊي آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

ٺٽو تاريخي ضلعو، ڪيترائي ثقافتي ۽ عالمي ورثا شامل

ڌاٻيجي: ٺٽو ضلعو تاريخي، ثقافتي ھجڻ سان  گڏ رامسر سائيٽز وارو ضلعو قرار ڏنل آھي، جنهن ۾ سنڌو دريا جي پڇاڙ، سامونڊي پٽي، ڊيلٽا شامل آهن. وڏي ڳالھ اڳ ۾ هن ضلعي کي ٽوڙي ان کي اڌ ڪيو ويو ھو ۽ ھاڻ وري تڪن کي ٽوڙي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ به ھن ضلعي جي تاريخ ۽ ثقافت سان ھٿ چراند ڪئي وئي، ڀنڀور، مڪلي، ھاليجي ۽ ڪينجھر ڍنڍ سميت ڪيترائي تاريخي تقافتي ۽ عالمي ورثا به ھن ضلعي جي تاريخي حيثيت جي گواھي ڏين ٿا.

تاريخي ضلعي جي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ نه ڏني ويندي:ثمر حيدر

ٺٽو(ڊ ر) سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر جتوئي چيو آھي ته  ڊجيٽل آدم شماري ۽ ڌاري آبادڪاري سنڌ جي وجود لاءِ خطرو  آھن، ڊجيٽل آدم شماري تحت سنڌ جي تاريخي ضلعي جي حدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ نه ڏني ويندي، جلد ٺٽي ۾ تاريخي احتجاج ڪنداسين. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي هن  چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي وڌندڙ لوڌ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رھندڙ سمورن ڌارين کي واپس موڪليو وڃي. ھن چيو ته ارسا ھميشه پاڻي ورھاست تي سنڌ سان ناانصافي ڪري ٿي ۽ ربيع جي ايندڙ موسم ۾ پاڻي کوٽ ڊڪليئر ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ھن چيو ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.