راڻيپور: فاطمه ڪيس ۾ گھربل مک جوابدار بيبي حنا شاھ پاڻمرداو پوليس وٽ پيش ٿي وئي. جڏھن ته ڪجھ ذريعن موجب پوليس کيس کي ڪورٽ ٻاھران گرفتار ڪري بعد ۾ ظاھر ڪيو آھي. بيبي حنا شاھ کي سڀاڻي(اڄ) دھشتگردي واري عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو موجب ته فاطمه ڪيس ۾ ڪنھن کي به ڪا به رعائت نه ملندي ھن ۾ جيڪو به ملوث ھوندو ان خلاف قانون موجب ڪاروائي ٿيندي.
پوليس جوابدارن کي رعايتون ڏئي رهي آهي: وڪيل صفدر ڪناسرو
راڻيپور:راڻيپور جي حويلي ۾ ماريل ٻارڙي فاطمه جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل صفدر ڪناسرو جو چوڻ آهي ته اسان دانهون ڪندا رهيا آهيون ته پوليس جوابدارن کي غير قانوني رعايتون ڏئي رهي آهي،حيدرآباد جي عدالت مان ضمانت جي شوئرٽي رد ٿيڻ بعد راڻيپور پوليس کي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ به فياض شاهه کي گرفتار ڪرڻ گهرجي
45 ڏينهن ۾ پوليس اسد شاهه خلاف ڪهڙو ثبوت آندو؟وڪيل مراد شاهه
راڻيپور :عدالت سڳوريءَم ٻڌڻي بعد پير اسد شاھ جي وڪيل سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته جوابدار پاران عدالت سڳوريءَ چيو ويو آهي ته 45 ڏينهن تائين پوليس ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، هروڀرو سوشل ميڊيا جي ڪري پوليس تي هيڏو پريشر آهي. 45 ڏينهن ۾ پوليس اسد شاهه جي خلاف ڪهڙو ثبوت آندو آهي. وڪيل مراد علي شاھ چيو ته اسان عدالت سڳوري اها گذارش رکي، نثار ڀنڀرو به اتي موجود هو، ان به اسان سان تعاون ڪيو ۽ چيو ته اهو صحيح نه پيو ٿئي جو ائين بنا ثبوت جي ڪنهن جي ايتري تذليل ٿئي.
اسد شاهه ۽ امتياز ميراثي جو وڌيڪ 9 ڏينهن جو رمانڊ