نيلوفر بختيار شهيد فاطمه جي وارثن وٽ پهتي، لڙڪ روڪي نه سگهي

راڻيپور (ن ع آ)  عورتن جي حقن واري قومي ڪميشن جي چيئرپرسن،اڳوڻي وفاقي وزير نيلوفر بختيار خانواھڻ پھچي راڻيپور جي پيراڻي  حويليءَ اندر تشدد ۾ قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي نيلوفر بختيار فاطمه جي امڙ شبانا ڦرڙو سان ڏک جو اظهار ڪندي پنھنجا لڙڪ روڪي نه سگهي هن  ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جو دورو پڻ ڪيو ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلوفر بختيار چيو ته فاطمه ڦرڙو جو واقعو دردناڪ آھي حڪومت وارثن سان گڏ آھي فاطمه جي گھر اچي وارثن سان ملي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي ڇو ته مان به ھڪ ماءُ آھيان نيلوفر بختيار ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي گورنمينٽ گرلس اسڪول جي دوري دوران اسڪول ۾ فرنيچر نه ھجڻ  ۽ زبون حال عمارت ڏسي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مان حڪومت کي ھن ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت نئين سر مرمت ۽ اسڪول جو نالو شھيد فاطمه جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي سفارش ڪنديس .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.