راڻيپور/حيدرآباد(رپورٽ: فياض راڄپر+رپورٽر ) راڻي پور پيراڻي حويلي اندر مبنيا طور تي زيادتي بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار بي بي حنا شاھ پنھنجي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، جنھن بعد پوليس پاران کيس کي اڄ دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بي بي حنا شاھ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن ته فاطمه ڪيس ۾ انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عبدالقدوس ڪلوڙ پاران گرفتار ڪيل پير سيد فياض حسين شاھ کي سخت حفاظتي پھري ۾ وٺي وڃي حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. جتان عدالت انڪوائري آفيسر کان پڇڻو ڪيو ته اوھان پير سيد فياض شاھ کي ستن ڏينهن جي ضمانت تي ھو ان کي ڇو گرفتار ڪيو آھي. جنھن تي ھن ٻڌايو ته ھي ملزم فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ نه پر فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جوابدارن کي پناھ ڏيڻ، اسٽيٽ خلاف تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جتان کيس عدالت حڪم جاري ڪيو ته کيس کي وٺي وڃي اي ٽي سي ڪورٽ پيش ڪيوس. جڏھن ته بي بي حنا شاھ عدالت ۾ پيش نه ٿي جنھن تي عدالت سڳوريءَ کيس جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جنھن بعد بي بي حناشاھ پنھنجو پاڻ ايس ايس پي خيرپور وٽ پيش پئي پنھنجي گرفتاري ڏئي ڇڏي آھي. جنھن جي تصديق پڻ ايس ايس پي خيرپور وٽان ٿي آھي. جنھن اھو پڻ ڄاڻايو آھي ته ڪيس جا مک جوابدارا لاڪپ ۾ آھن. جڏھن ته پير سيد فياض شاھ ۽ پير سيد اسد شاھ کي فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ اڄ دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جڏھن ته جاچ آفيسر فياض شاھ کي حيدرآباد کان خيرپور وٺي روانو ٿي ويو آھي.