پير فياض شاهه پروٽوڪول ۾ عدالت پهتو، ايس ايڇ او معطل

حيدرآباد/راڻيپور: راڻيپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او بچل قاضي فاطمه ڪيس جي جوابدار پير سيد فياض شاھ کي پوليس موبائيل ۾ اڳيان ويھاري موبائل  فون ڏيڻ جي ڏوھ ۾ معطل ڪري لائن حاضر ڪيو ويو آھي. ڪورٽ مان حاضريءَ تان واپسيءَ تي موبائيل ۾ اڳيان ويھاري ھٿ ۾ موبائيل ھجڻ جو ڦوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو نوٽس وٺي کيس خلاف اھڙي ڪاروائي ڪئي آھي. جڏھن ته کيس خلاف محڪمانه انڪوائري جو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ انڪوائري آفيسر گمبٽ محمد نعمان ظفر کي ٽن ڏينھن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.