فاطمه ڦرڙو سان ڪھڙو انصاف ٿيندو؟ سوشل ميڊيا تي سوال

حيدرآباد(رپورٽر) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جوابدار فياض شاھھ کي پوليس جو پروٽوڪول مليل، جوابدار پوليس موبائيل ۾ پويان  جوابدار جي حيثيت ۾ ويھڻ بجاءِ موبائيل فون ھٿ ۾ کڻي اڳيان ويٺل نظر آيو. ڪالھھ حيدرآباد ۾ ھاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ پوليس اھلڪارن جوابدار فياض شاھھ کي موبائيل ۾ اندر ويھارڻ بدران اڳيان ويھاريو ۽ جوابدار فياض شاھھ جي ھٿ ۾ موبائل فون بھ ھئي، فياض شاھھ پوليس موبائيل ۾ اڳيان ويھي موبائيل فون چارج ڪندو ۽ مسلسل ھلائيندو رھيو، اھلڪارن سندس ھٿن مان ھٿڪڙيون پڻ لاھي ڇڏيون ھيون، جوابدار کي موبائل سميت سھولتون فراھم ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي،  سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي تھ ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته فاطمه ڦرڙو سان ڪھڙو انصاف ٿيندو، پوليس پيرن جي ونگار وھي رھي آھي، اڄوڪي وڊيو ان جو ثبوت آھي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.