لاهور هاءِ ڪورٽ عمران رياض جي بازيابيءَ جي درخواست اُڪلائي ڇڏي

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس صحافي عمران رياض جي بازيابيءَ بابت  درخواست غير مؤثر قرار ڏئي اُڪلائي  ڇڏي. چيف جسٽس محمد امير ڀٽي گذريل ڏينهن عمران رياض جي والد محمد رياض جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ تي وقتي آءِ جي پنجاب ذوالفقار حميد، ايڊيشنل آءِ جي شهزاده سلطان سميت وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جا وڪيل ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻُڌايو ته عمران رياض پنهنجي گهر واپس اچي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ ڪرپشن ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد گذريل ڏينهن ڪرپشن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو جنهن دوران ڪرپشن ۽ دوکي ۾ ملوث 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڪيس درج ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.