ميهڙ: مقتول غلام سرور چانڊيو جي تدفين، سوڳ، قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

ميھڙ( رپورٽ: فراز چنا) گذريل ڏينھن ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي ۾ ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي قتل ڪيل غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود داخل ناھي ٿي سگھيو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي  وزير مير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ واري مطالبي سبب ميھڙ پوليس قتل ڪيس داخل ناھي ڪري سگھي جڏھن ته قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاء مقتول جي وارث عورتن توڙي مردن پاران ميھڙ ٿاڻي آڏو ھنيل احتجاجي ڌرڻو گذريل رات دير سان بنا نتيجي ختم ڪري ڇڏيو ھو مقتول جي وارثن معشوق ، ديدار ، مسمات پٺاڻي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي جي چرچ تي علي مردان عرف جبل مگسي ، طارق مگسي ۽ ٻين حملو ڪري غلام سرور چانڊيو کي قتل ڪيو آھي ميھڙ بي سيڪشن پوليس اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي سميت ٻين جوابدارن مٿان ڪيس داخل نه پئي ڪري جيڪا اسان سان ناانصافي آھي ھنن مطالبو ڪيس ته مقتول غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن مقتول غلام سرور چانڊيو جي تدفين سنڌ بلوچستان باڊر غيبي ديري قبرستان ۾ ڪئي وئي جڏھن ته وارثن سان ٻيٽو ڀرسان نارا ڪينال ڳوٺ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.