روهت شرما جو عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار جو اشارو ، ڪنهن جو ڪڻو نڪرندو؟

ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما آخري لمحن دوران عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

آءِ سيسي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ 15 رڪني ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾  انجري سبب ڪيئي مهينا ڪرڪيٽ کان پري ڪي ايل راهول ۽ شرياس ائير جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا هئا.

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو جڏهن ته هاردڪ پانڊيا نائب ڪپتان هوندو.

انکانسواءِ شڀمن گِل، ويرات ڪوهلي، شرياس ائير، ايشان ڪشن، ڪي ايل راهول، سوريا ڪمار ياديو، رويندرا جاڙيجا اسڪواڊ جوحصو آهن.

اڪشر پٽيل، شاردِل ٺاڪر به اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، پٽ جي پيدائڻ سبب سريلنڪا کان ممبئي پهچندڙ جسپريت بمرا، محمد شامي، محمد سراج، ڪُلديپ ياديو به ڀارتي ٽيم ۾ شامل آهن.

پر ڪپتان روهت شرما 28 سپٽيمبر کان اڳ ٽيم ۾ تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

روهت شرما آسٽريليا خلاف ٽين ون ڊي ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ان امڪان کي رد نه ڪيوته روي چندرن ايشون کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

روهت شرما ايشون جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته اوهان ايشون جي ڪلاس ۽ تجربي کي نٿا کسي سگهو، جيڪو وٽس ڪيئي سالن کان آهي ۽ گذريل ٻن ميچن ۾ اسان ڏٺو آهي ته هن شاندار بالنگ ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، اڪشر پٽيل انجري جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن سبب هو آسٽريليا خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ چيو ويو وڃي ته روي چندرن ايشون کي عالمي ڪپ اسڪواڊ جوحصو بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.