رڳو ڏاڙهي رکڻ سان ڪير مسلمان ناهي ٿيندو پر عمل به هجڻ گهرجي: چيف جسٽس جا ريمارڪس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻن ننڍين ٻارڙين جي حوالگي جي ڪيس ۾ ٻنهي ٻارڙين کي ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ننڍين ٻارڙين جي حوالگي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
عدالت ٻنهي ٻارڙين کي ماءُ حوالي ڪندي قرار ڏنو ته پيءُ آچر ڏينهن صبح 10 کان 5 وڳي تائين ٻارڙين سان ملاقات ڪري سگهندو، جيڪڏهن ان طرفان عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڪارروائي ٿيندي.
ٻڌڻي دوران ٻارڙين جي پيءَ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻارڙيون والد وٽ هجڻ گهرجن، ڇو ته ماءُ رات جي نوڪري ڪندي آهي، ٻارڙين جي ماءُ وٽ سار سنڀال جو وقت ئي ناهي هوندو.
ان تي چيف جسٽس چيو ته اسلام ۾ پرورش جو اصول توهان پڙهيو آهي يا نه؟ شريعت موجب ماءُ ٻار وٽ رهندي آهي، اسان رڳو نالي جا مسلمان رهجي ويا آهيون، اسان جا ڪم مسلمانن وارا ناهن، رڳو ڏاڙهي رکڻ سان ڪير مسلمان ناهي ٿيندو پر عمل به هجڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته نماز، روزو ۽ حج ڪرڻ ڪافي ناهي، انسانيت ۽ اخلاق به لازمي آهي، طلاق نه ٿي ته والدين جي پاڻ ۾ ناراضگي ٻارن جو مستقبل خراب ڪري ڇڏيندي.
هن ٻارن جي والد کان سوال ڪيو ته توهان پسند پرڻو ڪيو هو يا ارينج؟ جنهن تي پيءَ جواب ڏنو ته منهنجي پسند جي شادي هئي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا پاڻ ته پسند پرڻا ڪري ٿا ڇڏيو، پوءِ مسئلا عدالت لاءِ بڻجي ٿا وڃن.
پوءِ سپريم ڪورٽ والدين جي رضامندي سان درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.