قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ ڪراچي مان آيل نوجوان کي گهرواري ۽ ٻارن سامهون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
قمبر جي ٽيڪسي اسٽيڊ تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪار سوارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مختيار علي چانڊيو تڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.
مقتول مختيار چانڊيو ڪراچي کان شهدادڪوٽ عزيزن وٽ فوتگي جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو.
مقتول جي گهرواري وحيده چانڊيو صحافين اڳيان دانهيو ته اسان اصل ڊکڻ جا آهيون ليڪن اتان لڏي ڪراچي رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪا نه آهي، ظالمن سندس مڙس کي ماري وڏو ظلم ڪيو آهي.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
You might also like