ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-نيوزيلينڊ وارم اَپ ميچ، بي سي سي آءِ  اهم اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اَپ ميچ جمعي ڏينهن 29 سپٽيمبر تي حيدرآباد ۾ خالي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ان حوالي سان بي سي سي آءِ اهم اعلان ڪيو آهي.

ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ميلو آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ايندڙ هفتي پنج آڪٽوبر کان شروع ٿي رهيوآهي، ميگا ايونٽ کان اڳ ٽيمن کي پنهنجي تيارين لاءِ 29 کان وارم اَپ ميچون کيڏڻيون پونديون، پاڪستان پنهنجي وارم اَپ ميچون نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا خلاف کيڏندو.

قومي ٽيم پنهنجي پهرين وارم اَپ ميچ نيوزيلينڊ خلاف 29 سپٽيمبر تي حيدرآباد دکن ۾ کيڏندي پر سيڪيورٽي خدشن سبب اِها ميچ شوقين کانسواءِ بن دروازي پيٺان کيڏي ويندي.

جنهن ڪرڪيٽ مداحن ان ميچ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا انهن لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اهم اعلان ڪيو آهي.

بي سي سي آءِ ان ميچ جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارن کي ٽڪيٽ جي مڪمل رقم واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي بابظابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي جن مداحن پاڪ-نيوزيلينڊ وارم اَپ ميچ جا ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا اِهي پريشان نه ٿين ڇو جو کين ادا ڪيل رقم واپس ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.