قمبر ۾ پورهيت جي ڌيءُ مبينا طور اغوا

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر جي گوشالا پاڙي جي رهواسي پورهيت جاويد منگي جي 14 سالن جي ڌيءُ جنت خاتون مبينا طور اغوا ٿي وئي.
قمبر جي سٽي ٿاڻي تي اغوا جي اين سي داخل ڪرائيندي پورهيت جاويد منگي ٻڌايو ته مان درزڪو ڪم ڪندو آهيان ۽ منهنجي 14 سالن جي نياڻي ڇنڇر ڏينهن گھران قميص کي ڪاج ڪرائڻ لاءِ نڪتي هئي، جيڪا ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود گهر واپس ناهي موٽي.
هن الزام هنيو ته منهنجي ڌيءَ کي بااثر اغوا ڪري ويا آهن، اغوا ڪندڙ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، اعليٰ اختياريون نياڻي کي آزادي ۾ مدد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.