سنڌ ۾ مزدورن جي اجرت جي حوالي سان وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
سنڌ مينيمم ويجز بورڊ سڄي صوبي جي فيڪٽرين ۾ هنرمند ۽ غير هنرمند مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 33280 رپيا ۽ 32000 رپيا ماهوار مقرر ڪري ڇڏي.
سنڌ مينيمم ويجز بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار علي نظاماڻي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اها اجرت پهرين جولاءِ 2023ع کان لاڳو ٿيندي، ان حوالي سان اعتراض 14 ڏينهن اندر چيئرمين سنڌ مينيميم ويج بورڊ وٽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
سنڌ مينيمم ويجز بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار علي نظاماڻي مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه ڏيڻ وارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.