نئون کنڊ اڀرندو، انسان ۽ جانور جلد ختم ٿي ويندا: ڇرڪائيندڙ تحقيق

برطانيا ۾ ڪيل هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته انسان ۽ سڀ جانور وقت کان اڳ ئي سخت گرمي سبب ختم ٿي ويندا.

سائنسدانن چيو آهي ته ڊائنوسار جي دور کان پوءِ وڏي پيماني تي جاندارن جي خاتمي جو پهريون واقعو ٿيندو.

برسٽل يونيورسٽي جي سائنسدانن جي اڳواڻي ۾ محققن جي هڪ ٽيم سومر جي ڏينهن نيچر جيو سائنس ۾ پنهنجي ان تحقيق جا نتيجا شايع ڪيا.

هنن آب هوا جي شدت ۾ اضافي جي وضاحت لاءِ جديد ترين سپر ڪمپيوٽر ڪلائميٽ ماڊلز جو استعمال ڪيو، اها شدت ان وقت پيش ايندي جڏهن زمين جا کنڊ هڪ ساڙيندڙ سُڪل زميني حصي ۾ ضم ٿي ويندا جنهن کي ”پينجيا الٽيما“ چيو ويندو آهي.

جانور تقريبن 55 ملين سالن کان زمين تي رهي رهيا آهن جنهن جي ڪري گرمي ۽ ٿڌ لاءِ انهن ۾ واقفيت ۽ لچڪ پيدا ٿيندي رهي آهي. پر تحقيق لکندڙن موجب اهي جلد شمسي ريڊيئيشن سبب ختم ٿي ويندا.

ليکڪن موجب تقريبن 250 ملين سالن ۾ سڀ کنڊ گڏجي زمين جي ٻئي سپر کنڊ ”پنجيا الٽيما“ کي بڻائيندا.

اهو کنڊ بنيادي طور تي گرم ۽ خشڪ ٽراپيڪل علائقن کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ امڪاني طور تي زمين جي هڪ اهم حصي کي 40 کان 70 سينٽي گريڊ تائين گرم ڪري ڇڏيندو.

ان کنڊ جي ٺهڻ لاءِ ذميوار زميني عمل ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ ۾ به اضافو ڪندو، جنهن سان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو گھڻو مقدار هوا ۾ پکڙجي ويندي جيڪو زمين جي گرمي کي وڌائي ڇڏيندو.

وڌيڪ اهو ته جيئن جيئن سج روشن ٿيندو ويندو اهو وڌيڪ توانائي خارج ڪندو ۽ گرمي پد بلند ٿي ويندو.

برسٽل يونيورسٽي جي هڪ سينيئر ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ تحقيق جي ليڊ ليکڪ ڊاڪٽر اليگزينڊر فارنس ورٿ ”دي يروشلم پوسٽ“ کي ٻڌايو ته هر 100 ملين سالن کانپوءِ سج تقريبن 1 سيڪڙو روشن ٿيندو آهي ۽ تقريبن 1 سيڪڙو وڌيڪ توانائي خارج ڪندو آهي.

فارنس ورٿ جو چوڻ هو ته تقريبن 250 ملين سالن ۾ سج تقريب اڍائي سيڪڙو وڌيڪ روشن ٿيندو ۽ اڄ جي ڀيٽ ۾ اڍائي سيڪڙو وڌيڪ تابڪاري خارج ڪندو.

فارنس ورٿ موجب نئون اڀرندڙ کنڊ اثرائتي طريقي سان هڪ تباهي پيدا ڪندو، جنهن ۾ کنڊ جا اثر، گرم سج ۽ هوا ۾ وڌيڪ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيد شامل هوندا، جنهن سان زمين جي گھڻي حصي ۾ گرمي ۾ اضافو ٿيندو.

نتيجي ۾ هڪ ناڪاري ماحول پيدا ٿيندو جيڪو جانورن ۽ انسانن لاءِ خوراڪ ۽ پاڻي جي ذريعن کان خالي هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته 40 کان 50 ڊگري سيلسيس وچ جو شديد گرمي پد ۽ هوا ۾ موجود گھم ۾ روز جي بنياد تي ٿيندڙ اضافو آخرڪار اسان جي قسمت تي خطرناڪ اثر وجهندو.

انسان ۽ ٻي مختلوق ان گرمي کي پگھر ذريعي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ ناڪامي سبب ختم ٿي ويندي.

پر ان سڄي عمل ۾ 250 ملين سال لڳندا، جيڪو اڳ ڪيل تحقيق کان جلد ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.