سنڌ جي يونيورسٽيز ۾بي ظابطگين جو انڪشاف، اسماعيل راهوءَ لاءِ بُري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل حڪومت دوران سنڌ جي سمورين پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز ۾ بي ظابطگين ۽ ڪرپشن جي رپورٽن کي نظر ۾ رکندي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر يونيورسٽيز، بورڊز ۽ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي صوبي جي تمام 27 سرڪاري يونيورسٽين جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس( ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ يونيورسٽيز بورڊز ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪمشن جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊگهي عرصي کان سنڌ جي تمام سرڪاري يونيورسٽيز ۾ سينيٽ جو اجلاس ناهي ٿيو، جنهن تي هو تمام گهڻو پريشان نظر آيو.
ان موقعي تي مقبول باقر لاڳاپيل اختيارين سان اهڙي يونيورسٽيز خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جن پنهنجا سينيٽ اجلاس منعقد ناهن ڪيا، جن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي پڻ شامل آهي.
وڏي وزير چيو ته کيس حيرت آهي ته گذريل اٺ يا نوَ سالن دوران انهن يونيورسٽيز ۾ سينيٽ اجلاس ناهن ٿيا، سينيٽ ڪنهن به يونيورسٽي جي اِها باڊي آهي جيڪا بجيٽ منظور ڪندي آهي.
ان سان گڏوگڏ هن يونيورسٽيز انتظاميا کي جلد کان جلد سينيٽ اجلاس ڪوٺائڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو.
اجلاس دوران اِها ڳالهه پڻ بحث هيٺ آئي ته مالي بدانتظامي سبب سرڪاري يونيورسٽيز تمام گهڻي مالي نقصان منهنن ڏئي رهيون آهن.
وڏي وزير اختيارين کي چيو ته تمام 27 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز جي آڊٽ سٺي ساک رکندڙ آڊيٽرز ذريعي ڪرائي وڃي.
هن يونيورسٽيز کي به حڪم ڏنو ته پنهنجي رٽائرڊ ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو ٿيندڙ ملازمن لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪريو ته جيئن کين پينشن جي وقت سر ادائيگي ڪري سگهجي.
واضح رهي ته پ پ جي گذريل حڪومتي دور ۾ يونيورسٽيز جي وزارت جو قلمدان اسماعيل راهو وٽ هيو، ان دوران مخلتف وقتن تي يونيورسٽيز ۾ ڪرپشن ۽ مالي نقصان جون خبرون پڻ اينديون رهيون.
You might also like