ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪينيڊين شهري هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جون پڪا ثبوت اچي ويا آهن، اهو قتل ڀارتي انٽيليجنس جي اسٽيشن چيف جي نگراني ۾ ٿيو.
هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ڀارت ڪئناڊا جي گادي واري شهر اوٽاوا ۾ پنهنجي هاءِ ڪميشن کي ان قتل جي واقعي ۾ استعمال ڪيو، مودي سرڪار هاڻي ان سچ کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي.
هن چيو ته هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي تصديق هڪ ملڪ نه پر آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، برطانيا ۽ ڪينيڊين انٽيليجنس ايجسنين جي اتحاد فائيو آئيز ڪئي آهي.
شيري رحمان چيو ته ڀارت ان کان اڳ پاڪستان ۾ به اهڙن تشدد وارن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو زنده ثبوت آهي، پر هاڻي پهريون ڀيرو ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ مقصد عالمي دنيا ۾ وائکا ٿيا آهن.
پ پ سينيٽر چيوته مودي سرڪار کي پنهنجي سرحد پار رياستي دهشتگردي جو جواب عالمي عدالت ۾ ڏيڻو پوندو.