هم جنس پرست جوڙي شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 27 ورهين جي ڊمپ ۽ سندس 21 ورهين جي گرل فرينڊ منيشا شادي ڪري ڇڏي جنهن ۾ ٻنهي جا گھر ڀاتي به شامل ٿيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب سک برادري سان واسطو رکندڙ ڊمپل ۽ هندو دلت منيشا ڊگھي عرصي کان دوست هيون ۽ هوءَ شادي ڪرڻ چاهين پيون پر سندن خاندان وارا راضي نه هئا.
پر ڊمپل جيڪا نوجواني جي زماني ۾ ڇوڪرن جيان وارن رکن ۽ مدراڻو لباس پهرڻ جي عادي هئي ان پنهنجي والدين کي راضي ڪري ورتو جنهن کان پوءِ ميشا جا والدين به راضي ٿي ويا.
ڊمپل 12 هين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪپڙي جي خريد ۽ وڪري جو ڪم ڪندي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي ننڍپڻ ۾ لڳندو هو ته آئون ڇوڪرو آهيان. آپريشن به ڪرائڻ جو سوچيو پر والدين راضي نه ٿيا.
27 ورهين جي ڊمپل جو چوڻ هو ته آئون ڇوڪرين سانگڏ رهڻ جي گھڻي ڪوششڪئي هڪ سان 5 سال افيئر هليو ۽ ٻي سان 2 سال پر ٻنهي مون کي ڇڏي ڏنو.
ڊمپل ٻڌايو ته خوش قسمتي سان هن جي ملاقات منيشا سان ٿي جنهن سٺي طرح سوچي سمجهي مون سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي جا والدين به راضي ٿيا ويا.
ان جوڙي جي شادي گردواري ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي خاندانن شرڪت ڪئي ۽ جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
شادي جي خبر جيئن ئي عام ٿي ته تڪرار پيدا ٿي ويو، سک اڳواڻ ان شادي کي مذهب ۽ سماج جي خلاف قرار ڏيندي ٻنهي خاندانن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
واضح رهي ته ڀارت ۾ 2012ع تائين هم جنس پرستن جو انگ 25 لک هو جنهن گھڻو اضافو ٿي چڪو آهي. پر هيل تائين هم جنسي پرستن جي شادين کي سرڪاري طور تي تسليم ناهي ڪيو ويو.
پر سپريم ڪورٽ هن سال هم جنس پرست شادين کي قانوني حيثيت ڏيڻ بابت 21 درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي آهي ۽ ان تي جلد فيصلي جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.