سريلنڪا کي وڏو ڌڪ، اهم اسپنر انجري سبب عالمي ڪپ مان آئوٽ

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا آءِ سي سي ون ڊ ورلڊ ڪپ لاءِ نيٺ پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اڱاري جي ڏينهن سريلنڪا پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو، پر ان سان گڏوگڏ سريلنڪا جي پرستارن لاءِ بُري خبر به سامهون آئي آهي.

سريلنڪا جو اهم ليگ اسپنر ونندو هسارنگا انجري سبب عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

هسارنگا کي گذريل مهيني لنڪا پريميئر ليگ جي پلي آف ميچ دوران ڄنگهه ۾ تڪليف ٿي جنهن سبب هو ايشيا ڪپ مان به آئوٽ ٿي ويو هو.

ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي داشن شاناڪا جي قيادت ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ڪوشل مينڊس، ڪوسل پريرا، پاٿم نسانڪا، ديموٿ ڪرونارتني، سديرا سمارا وڪرما، چارٿ اسالنڪا، ڌننجيا ڊي سلوا، هيمنٿا، مهيش ٿيڪشنا، دونٿ ويلالاگي، ڪاسن راجيٿا، مٿيشا پيٿرانا، لاهيرو ڪمارا ۽ مدوشنڪا شامل آهن.

ياد رهي ته آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ايندڙ مهيني پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ کيڏيو ويندو، سريلنڪن ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ،ست سپٽيمبر تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان تي لهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.