ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اسڪرپٽ رائيٽر خليل الرحمان قمر چيو آهي ته آئون نٿو مڃان ته زال کانسواءِ ڪو به مرد جي تربيت ڪري سگھي ٿو.
تازو ئي خليل الرحمان قمر خانگي ٽي وي جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان هن کان ڪيريئر سوڌو بيوفائي ۽ محبت بابت سوال ڪيا.
خليل الرحمان جو چوڻ هو ته زال بابت مزاحيا جملا رڳو مذاق هوندا آهن جڏهن ته ان جي ابتڙ هڪ سٺي زال الله جي نعمت هوندي آهي ۽ آئون نٿو مڃان ته زال کانسواءِ ڪو به ڪنهن مرد جي تربيت ڪري سگھي ٿو.
ڳالهه ٻولهه دوران خليل الرحمان قمر شادي شدا مردن کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته اسان وٽ شادي شدا مرد به گھڻيون غلطيون ڪندا آهن، ڪڏهن به پنهنجي زال کي اهو جتائڻ جي ڪوشش نه ڪريو ته اوهان مڙس آهيو ڇو جو جڏهن اسان پنهنجي زال کي مڙس بڻجي اهو ٻڌائڻ چاهيندا آهيون ته هوءَ اوهان جي تابعدار رهي ته اتي اوهان ناڪام ٿيڻ لڳندا آهيو، زال جي آڏو ماءُ جيان کي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيو ڇو جو زال به ماءُ جهڙي ئي اهم آهي.
سندس چوڻ هو ته زالن سان محبت ۽ احترام سان پيش اچو ۽ هنن سان غير ضروري بحث نه ڪريو، اهڙيءَ طرح اوهان زندگي م سدائين پاڻ کي تازو محسوس ڪندئو.
ٻي پاسي بيوفا کي ڏني ويندڙ سزا بابت خليل الرحمان قمر جو چوڻ هو ته بيوفا لاءِ منهنجي سزا ”ڊرامو ميري پاس تم هو“ جي سزا جهڙي ئي سزا آهي ڇو جو بيوفائن کي پڇتاءَ جي زندگي جي سزا ڏئي ڇڏي ڏيڻ گھرجي، جيڪو اوهان جو ناهي اوهان به ٻڌايو ته اوهان ان جا ناهيو.