ڀارت مان ماڻهن جي آمد جاري، وڌيڪ ٻه ڄڻا ڪراچي پهتا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ظلمن جو شڪار مسلمان پيءُ پٽ پناهه لاءِ پاڪستان پهچي ويا.
70 ورهين جو محمد حسنين ۽ 31 ورهين جي اسحاق امير جو واسطو ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي سان آهي، ٻئي ڪراچي پهتا آهن ۽ هنن پاڪستان حڪومت کان پناهه جي درخواست ڪئي آهي.
متاثر ڀارتي شهرين جو چوڻ هو ته هنن کي ڀارت ۾ هندو دهشتگردن ڪيترائي ڀيرا ظلم جو نشانو بڻايو، پاڪستان اچڻ جي منصوبابندي تحت نئين دهلي مان 5 سيپٽمبر تي ويزا تي دبئي جو سفر ڪيو، ابوظهبي کان 7 سيپٽمبر تي افغانستان جي ويزا ورتي ۽ 8 سيپٽمبر تي ڪابل پهتاسين، ڪابل کان هواءِ سفر ڪري قنڌار پهتاسين، پوءِ ٽيڪسي ذريعي اسپن بولدڪ بارڊ پهتاسين.
ٻنهي پيءُ پٽ موجب هو چمن بارڊر کان ايجنٽ جي مدد سان پاڪستان پهتا، ٽيڪسي واري کي 10 هزار رپيا ڏئي ڪوئيٽا آيا، ٽيڪسي واري وڌيڪ 50 هزار رپيا وٺي ڪوئيٽا کان حب پهچايو، حب کان رڪشي ۾ ڪراچي آيا، پوليس سان پاڻ رابطو ڪيو ۽ پوليس ايڌي سينٽر پهچائي ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته هنن جو ڪو به ٺڪاڻو ناهي، هو ايڌي فائونڊيشن سهراب ڳوٺ ۾ رهيل آهن، مسلمانن سان گھڻو ظلم ٿي رهيو آهي هو ڪنهن به صورت ۾ ڀارت واپس وڃڻ نٿا چاهين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.