پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ بابت خبرن تي اوگرا جو اهم بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن بابت هلندڙ خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
اوگرا ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي پيٽروليم شين جي اگهن بابت اڳڪٿين کان بچڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿي، پيٽروليم شين جي اگهن جو دارومدار عالمي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح تي آهي ۽ تازن ڏينهن ۾ عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڏٺي وئي.
ترجمان موجب ملڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي ۽ پيٽروليم شين جي نون اگهن جي اعلان ۾ اڃا هڪ هفتو باقي آهي، تنهن ڪري اگهن جي حوالي سان اڳڪٿيون تيل جي سپلاءِ چين ۾ خلل وجهي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.