ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چڊا جي شادي گذريل ڏينهن ادي پور ۾ ٿي جنهن ۾ ڀارت جي ناليوارن سياستدانن سوڌو ڪيترن ئي اداڪارن شرڪت ڪئي.
اڄ اداڪارا ۽ راگھو چڊا گڏيل طور تي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي تقريب جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون.
پرينيتي شادي تي گولڊ ۽ آف وائيٽ رنگ جو جوڙو پهريو جڏهن ته گھوٽ آف وائيٽ رنگ جي شيرواني ۾ نظر آيو.
View this post on Instagram
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب پرينيتي ججو جوڙو مشهور سليبرٽي ڊزائنر منيش ملهوترا تيار ڪيو جيڪو پاڻ به شادي ۾ نظر آيو.
تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته جوڙي مهمانن جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ انٽري ڏني.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته ناشتي جي ميز تي پهرين ڳالهه ٻولهه سان اسان جي دلين کي خبر پئجي وئي هئي، اسان هڪ ڊگھي عرصي کان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
ان کان اڳ پرينيتي ۽ راگھو جون ڪجهه تصويرون سامهون آيون هيون جن بابت دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اهي جوڙي جي رسيپشن جون تصويرون آهن جن ۾ اداڪارا گلابي رنگ جي ساڙهي جڏهن ته راگھو ڪارو پينٽ ڪوٽ پهريو هو.
واضح رهي ته پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر راگھو چڊا جي مڱڻي جي تقريب 13 مئي تي نئين دهلي ۾ ٿي هئي جنهن ۾ ڪيترن ئي مشهور ڀارتي شخصيتن شرڪت ڪئي هئي.