عدالتي حڪم تي تحريڪ انصاف چيئرمين اڊيالا جيل منتقل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ حراست هيٺ تحريڪ انصاف چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل سهولتن بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ انڊر ٽرائل قيدي آهي ۽ اسلام آباد جا سمورا انڊر ٽرائل قيدي اڊيالا جيل ۾ هوندا آهن، انڊر ٽرائل قيدي کي اڊيالا بدران اٽڪ جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي؟
جسٽس عامر فاروق چيو توشا خان ڪيس ان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو هو ته اها سزا معطل ٿي چڪي آهي، قانون موجب اسلام آباد جي انڊر ٽرائل قيدي کي اڊيالا جيل ۾ هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل شفٽ ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ٻڌايو ويو هو ته هاڻ جيل ۾ اي، بي ۽ سي ڪلاس ختم ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عدالتي حڪم تي تحريڪ انصاف چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب عمران خان کي روڊ ذريعي سيڪيورٽي سان گڏ اڊيالا جيل پهچايو ويو، جيل ۾ کيس اٽيچ باٿ روم فراهم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.