ڪاليج جي ڪينٽين جي کاڌي مان ڏيڏر نڪري آيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي انجينيئرنگ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي ڏنل کاڏي مان مُئل ڏيڏر نڪري آيو.
ڀارتي شهر ڀوبنيشور ڪيلنگا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ۾ شاگرد هاسٽل طرفان ملندڙ کاڌي ۾ مئل ڏيڏر ڏسي حيران ٿي ويا، کاڌي مان مُئل ڏيڏر نڪرڻ جي تصوير ايڪس تي هڪ واهپيدار طرفان شيئر ڪئي.
ايڪس تي آرينش نالي واهپيدار کاڌي مان نڪرندڙ مُئل ڏيڏر جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اها ڀارتي شهر ڀوبنيشور ۾ 42 هون درجو رکندڙ آءِ ٽي يونيورسٽي جي تصوير آهي، جتي والدين پنهنجن ٻارن کي انجينيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ تقريبن 17.5 لک ڀارتي رپيا ادا ڪندا آهن، اهو کاڌو ڪاليج جي هاسٽل ۾ ڏنو پيو وڃي، پوءِ اسان حيران ٿيندا آهيون ته ڀارت مان شآگرد بهتر تعليم ۽ سهولتن لاءِ پرڏيهه ڇو ويندا آهن؟
واهپيدارن طرفان شيئر ڪيل تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪاليج کي سخت نقصان جو نشانو بڻايو ويو جنهن کان پوءِ انتظاميا ايڪشن کڻندي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو ته کاڌو تيار ڪندڙ ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگھار سزا طور ڪاٽي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.