اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي موجوده سيٽن جو انگ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ شروعاتي تڪبندين تي ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن سڀاڻي شروعاتي تڪ بندين جي منظوري ڏيندي، جنهن جي فهرست 27 سيپٽمبر تي جاري ٿيندي.
نين تڪ بندين ۾ به اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون موجوده سيٽون برقرار رکيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن جي ڪميٽين شروعاتي تڪ بندين تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ تڪ بندين تي ڪم تيزي سان جاري آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي منظوري کانپوءِ شروعاتي تڪن جي فهرست جاري ٿيندي، جڏهن ته انهن تڪ بندين تي تجويزون ۽ اعتراض 28 سيپٽمبر کان 27 آڪٽوبر تائين داخل ٿي سگهندا، جن کي اليڪشن ڪميشن 26 نومبر تائين اڪلائيندي ۽ حتمي فهرست 30 نومبر تي جاري ڪئي ويندي.
You might also like