پاڪستان هيپاٽائٽس متاثر ملڪن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ هيپاٽائٽس سي، مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ بڻجي ويو آهي.
گڏيل قومن ۾ هيپاٽائٽس جي موضوع تي عالمي ماهرن سان گڏ ڪانفرنس ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر جو چوڻ هو ته پهريان مصر ان مرض مان متاثر نمبر ون ملڪ هو پر مصر منظم منصوبابندي تحت ستن سالن ۾ هيپاٽائٽس تي ضابطو آڻي هن سال ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (Who) صحت جي عالمي اداري کان هيپاٽائٽس کان پاڪ ملڪ هجڻ جو درجو حاصل ڪرڻ جي درخواست فائل ڪري رهيو آهي، مصر ان بيماري کان پاڪ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان هاڻي سڄي دنيا ۾ نمبر ون ملڪ ٿي ويو آيه.
پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر پاڪستان ۾ بُڪين ۽ جيري جي مرضن ۽ ٽرانسپلانٽ جي اداري (P.K.L.I) جي بورڊ جو سربراهه به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.