نائيجيريا جي يونيورسٽي هاسٽل مان 24 شاگردياڻيون اغوا

ابوجا(م ڊ) نائيجيريا جي اتر اولهه رياست زمفارا مان ٻن درجنن کان وڌيڪ شاگردياڻين کي يونيورسٽي جي هاسٽل مان اغوا ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب يونيورسٽي ويجهو رهندڙ ماڻهن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏوهارين هٿيارن جي زور تي رياست جي گادي واري شهر بوسا ٻاهران فيڊرل يونيورسٽي ويجهو هڪ ڳوٺ تي حملو ڪري 3 وومين هاسٽلن مان 24 شاگردياڻين کي اغوا ڪيو. نائيجيريا جي صدر بولا احمد تينوبو جي اقتدار م اچڻ ۽ ملڪ جي سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ واري واعدي کان پوءِ ڪنهن به اجتماعي اغوا جي اها پهرين واردات آهي. اغوا ڪندڙ موٽر سائيڪلن تي ڳوٺ ۾ داخل ٿيا ۽ هاسٽل تي ڪاهه ڪري دريون ڀڃي شاگردياڻين جي ڪمرن تائين پهتا. رياستي پوليس واقعي جي تصديق ڪندي تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته سيڪيورٽي اهلڪار شاگردياڻين جي بازيابي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن

ڪراچي، گلستان جوهر ۾ گئس ليڪيج ڌماڪو، ڀاءُ ڀيڻ زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ رهائشي اپارٽمنٽ فليٽ ۾ گيس لڪيج جي  ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڀاء ڀيڻ زخمي ٿي پيا، شاهراهه فيصل ٿاڻي جي گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ واقع زيبش اپارٽمينٽ جي فليٽ جي ڪچن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ڊائو اسپتال ۽ پوءِ سول برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او شاهراهه فيصل راجا طارق محمود موجب سڙي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 20 ورهين جي خالده زال رسول بخش ۽ 28 ورهين جو حيدر بخش پٽ رسول بخش جي نالي سان ٿي آهي، جيڪي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ آهن. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته ڌماڪو ناشتو پچائڻ دوران گيس سلينڊر لڪجڻ سبب ٿيو ۽ فليٽ کي جزوي نقصان پهتو.

جسٽس(ر) مقبول باقر پاران ڊي سي ڏکڻ ڪراچي جي ساراهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير 250 ملين رپين جا اسمگل ٿيل ڪپڙا هٿ ڪرڻ تي  ٽيم ورڪ جي واکاڻ ڪئي،سنڌ جي نگران وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي امتياز ساريو جي اڳواڻي ۾ اسمگل ٿيل ڪپڙن خلاف آپريشن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم ورڪ جا سٺا نتيجا نڪتا آهن.  ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم ضلعي ڏکڻ ۾ ڪپڙي جي مارڪيٽن تي ڇاپو هڻي 250 ملين رپين جو اسمگل ٿيل ڪپڙو هٿ ڪري ورتو آھي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسٽريٽ ڪرمنلز، ڊرگ مافيا ۽ ذخيروڪندڙن خلاف ڪاررواين ۾ پڻ اهڙي ئي ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو ويندو.

صومالي فوج الشباب جي 27 جنگجوئن کي ماري ڇڏيو

موغاديشو(م ڊ) صومالي فوج  رياست گالمودوگ جي 3 ڳوٺن ۾ جاري فوجي ڪارروائين ۾ الشباب جي 27 عسڪريت پسندن کي ماري ڇڏيو آهي. چيني خابرو اداري مطابق صوماليه جي دفاع وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته رياست گالمودوگ جي ڳوٺ مليليڪو، سيل گمبر ۽ بالل ڌير ۾ ڪارروائي دوران دشمن جي 3 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو  ۽ انهن جي گاڏين ۽ فوجي ساز ۽ سامان سميت تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.