مهانگائي خلاف جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ ڌرڻا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ پاران پيٽروليم مصنوعات، بجلي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ بدترين مهانگائي خلاف آچر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻو، شڪارپور، ٺٽو، بدين، دادو، جوهي،ميرپورخاص، شهدادڪوٽ،ميهڙ، قمبر ، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور سميت سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ شام جو 05 وڳي موٽرسائيڪلون، ڪارون بيهاري ٽريفڪ جام ڪري ڌرڻا هڻي حڪمرانن جي غلاماڻين پاليسين خلاف احتجاج نوٽ ڪرايو ويو. احتجاج ڪندڙ ماڻهن مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ۽ پيٽرول توڙي بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کي واپس وٺي عوام کي زنده رهڻ جو حق ڏيڻ، وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي، پروٽوڪول، شاهاڻي طرز زندگي ختم ڪري سادگي ۽ ڪفايت شعاري جون پاليسيون جوڙڻ جو مطالبو ڪيو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٺٽي ۾ رڪشه اسٽاپ تي رٿيل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي آڱرين جي اشارن تي نچڻ واري نگران حڪومت هڪ مهيني ۾ ٽي ڀيرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام کان زندهه رهڻ جو حق به کسي ورتو آهي، حڪومتي نااهلي ۽ خراب معاشي صورتحال سبب هر شهري پريشان آهي، تازو جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب هڪ سال اندر ملڪ ۾ سوا ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار جڏهن ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ شهرين جو انگ سوا ڏهه ڪروڙ ٿي چڪو آهي، هاڻي ڳالهه ان حد تائين پهچي چڪي آهي ته هر هنڌ لنگرخانا کلي چڪا آهن ۽ راشن ڪارڊ جاري ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جماعت اسلامي اهڙي ظالماڻي نظام، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي توڙي روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف احتجاج جاري رکيو آهي، اڄ سموري سنڌ ۾ هر هنڌ احتجاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي پشاور، لاهور ۽ ڪوئٽه کان پوءِ 06 هين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ عظيم الشان ڌرڻو هنيو ويندو، صوبائي امير زور ڏيندي چيو ته اسلامي، پُرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي قيام لاءِ عوام مهانگائي سميت حڪمرانن  جي ظالماڻين قدمن خلاف جماعت اسلامي جي تحريڪ جو ساٿ ڏين. هوڏانهن سکر ۾ ضلعي امير مولانا حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ گهنٽه گهر تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو لڳايو ويو، حيدرآباد ۾ ڪوهه نور چوڪ تي مهانگائي خلاف ضلعي امير عقيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، شڪارپور گهنٽه گهر چوڪ تي ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي، بدين پريس ڪلب سامهون ضلعي امير علي مردان شاه، الله بچايو هاليپوٽو،  فتح خان کوسو، عبدالڪريم بُليدي، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري جي اڳواڻي ۾ بائي پاس تي ڌرڻو لڳائي سنڌ بلوچستان قومي شاهراه کي بند ڪيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ ، ڪنڌڪوٽ ۾ گهنٽه گهر چوڪ، ڪشمور ۾ جامع مسجد کان واحد چوڪ، ميهڙ ۾ گهنٽه گهر چوڪ، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستاني چوڪ تي مظاهري کي وڪيل عاشق ڌامراه ،دادو ۾ڊي ايڇ اوچوڪ تي محمد موسى، خيرالدين ٻٻر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو لڳايو ويو، ٽنڊوآدم ۾ ضلعي امير عبدالغفور انصاري، مشتاق عادل، عبدالستار انصاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.