ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا غيرقانوني پرڏيهين کي جلد کان جلد ڊي پورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي جلد کان جلد ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، غير قانوني پرڏيهين بابت حڪومت کي سفارشون ڪيون پيون وڃن، آءِ جي سنڌ چيو ته گڏيل ٽاسڪ فورس جو قيام سفارشن جو حصو هوندو، غير قانوني پرڏيهين لاءِ هولڊنگ سينٽرز الاٽ ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، رفعت مختار راجا چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسٽريٽ ڪرمنلز جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، سرحدي علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جي نگراني ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪري اسمگلنگ کي هر صورت ۾ روڪيو وڃي، اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند چيو ته پوليس جون نيون ٽيمون ميدان ۾ اچي ويون آهن ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي.