اسلام آباد (م ڊ) مهانگائي جو طوفان، سبزيون به عوام جي پهچ کان پري ٿيڻ لڳيون آهن، اسلام آباد ۾ ادرڪ جي قيمت 1290 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، ٿوم 543 رپيا في ڪلو ٿي وئي، ڪراچي ۾ ادرڪ هڪ هزار رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، ٿوم 480 ۽ ٽماٽا 150 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿين پيا، پٽاٽا، بصر، ڀينڊي، طوريون ۽ ٻيون سبزيون به مهانگيون ٿي ويون، لاهور ۾ بصر 100 رپيا ۽ ٽماٽا 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا، بازارن ۾ خريداري جي لاءِ ايندڙ ماڻهو مهانگائي سبب پريشان بڻيل، ڪوئيٽا ۾ به مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، ادرڪ 1100 رپيا ۽ ٿوم 500 رپيا في ڪلو ٿي وئي.