ورلڊ فارماسسٽ ڊي ۽ سنڌ ۾ ڪميونٽي فارميسي جو فقدان

تحرير: ڊاڪٽر مهيش ڪمار مهيشوري

اڄ 25 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ ”فارماسسٽن جو عالمي ڏينهن“ يا ورلڊ فارماسسٽ ڊي ملهايو پيو وڃي. هن سال 2023 ۾ هن ڏينهن جو عنوان آهي Pharmacy Healthy Strenthening System” يعني سڄي صحت جي شعبي جون پاڙون صرف فارميسي مضبوط ڪري سگهي ٿي.

هاڻي اسان سنڌ ۾ فارميسي جي شعبي ۽ فارماسسٽ جي ڪردار جي اهميت تي ڳالهايون ته سواءِ مايوسي ۽ پريشاني جي ڪجهه به نظر نه ايندو. هڪڙي ئي ملڪ ۾ رهندي چئني صوبن ۾ سنڌ واحد صوبو آهي، جتي فارميسي جو شعبو زوال پزيري جو شڪار آهي.

جيتوڻيڪ اسان جيڪڏهن فارميسي جي تعليم کي ڏسون ته سنڌ ۾ هاڻي لڳ ڀڳ سڀني ڊويزنن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ تعليمي ادارا آهن، جيڪي فارميسي جي بنيادي تعليم يعني ”ڊاڪٽر آف فارميسي“ جنهن کي عام طور تي Pharm-D پڙهيو ويندو آهي جو ڪورس ڪرائي رهيا آهن ۽ هر سال پوري سنڌ پرڳڻي ۾ ججهي تعداد ۾ فارماسسٽ نڪرن ٿا، پر سندن ئي لاڳاپيل شعبي ۾ غير واسطيدار ماڻهو هجڻ ڪري انهن کي روزگار جا ذريعا مهيا ئي ڪونه ٿا ٿين.

اڄ اسان ڪوشش ڪري ڪميونٽي فارميسي تي ڳالهه ڪنداسين. ڪميونٽي فارميسي صحت جي شعي جو انتهائي اهم جز آهي، ڇاڪاڻ جو هڪڙو عام ماڻھو اهو پڙهيل لکيل هجي يا وري اڻ پڙهيل ان کي دوا جي باري ۾ آگاهي صرف فارماسسٽ ئي ڏئي سگهي ٿو. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ايترو برو حال آهي، جو اهڙا ماڻهو به اسپتالون يا ميڊيڪل اسٽور هلائن ٿا جن زندگي ۾ ڪڏهن به اسڪول جو منهن به نه ڏٺو هوندو.

اٻوجهه ماڻهن کي اها به خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي دوا ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو واپرائين. ڪهڙا دوائن جا وزن آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان گڏ وراپائڻا  به هوندا آھن يا وري ڪهڙيون دوائون آهن جيڪي کاڌي کان اڳ ۽ پوءِ واپرائبيون آهن، جنهن کي فارميسي ۽ ميڊيڪل جي ٻولي ۾” Interaction Drug” ڪري پڙهيو ويندو آهي. ڪٿي وري ماڻهو پنهنجي نموني پاڻ ئي تڪليف ٿيڻ تي بغير سوچي سمجهي دوا استعمال ڪري وٺندا آهن،

انهن جي ذهن ۾ ڪٿي به اهو نه هوندو آهي ته انجام ڇا ٿيندو، پر اهي نه ڊاڪٽر وٽ وڃڻ پسند ڪندا آهن ۽ فارماسسٽ ته هونئن ئي آهي ڪونه، سو پنهنجو علاج پاڻ ڪري وٺندا آهن. جنهن کي عام طور تي "Self Medication” چيو ويندو آھي. هڪ ڀيري منهنجو ڪوئيٽا وڃڻ ٿيو ته اتي هڪڙي مشهور اسپتال ۾ جڏهن فارميسي جو دورو ڪيم ته تمام گهڻيون دوائون وڏي مقدار ۾ رکيل نظر آيون. اتي ويٺل فارماسسٽ کان پڇيم ته ڇا هتي هول سيل جو ڪاروبار به ٿيندو آهي ته هن هڪڙو عجيب ۽ کل جوڳو جواب ڏنو ته هتي ماڻهو مٿان پهاڙن کان ايندا آهن ۽ ڊاڪٽر انهن کي هفتي جي دوا تجويز ڪندو آهي ۽ اهي وري ٽن مهينن جي دوا وٺي ويندا آهن ته جيئن وري جيڪڏهن ساڳئي تڪليف ٿئي ته اها ئي دوا وٺي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هتي به پهاڙن ۽ مٿانهن علائقن ۾ ڪميونٽي فارماسسٽ موجود ئي ناهن، جنهن جي ڪري عام ماڻهو پنهنجي ڊاڪٽري پاڻ ڪندو آهي.

اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي بطور معاشرو انهي ڳالهه تي زور ڏيندي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته جيستائين سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر ۾ ڪميونٽي فارماسسٽ مقرر نه ٿيندو تيستائين ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ عطائين جي هٿان لٽبا ۽ ڦربا رهندا ۽ پنهنجي جان توڙي مال جو پڻ نقصان ڪندا رهندا. حڪومت کي گهرجي ته ترت ئي پوري صوبي ۾ ڪميونٽي فارماسسٽ مقرر ڪري ته جيئن عام ماڻهو کي نه صرف دوائن ۽ ان جي مستقل علاج بابت ڄاڻ ملي سگهي گڏوگڏ انهن جي جان توڙي مال جو پڻ تحفظ ٿي سگهي.

 

 

اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي بطور معاشرو انهي ڳالهه تي زور ڏيندي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته جيستائين سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر ۾ ڪميونٽي فارماسسٽ مقرر نه ٿيندو تيستائين ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ عطائين جي هٿان لٽبا ۽ ڦربا رهندا ۽ پنهنجي جان توڙي مال جو پڻ نقصان ڪندا رهندا. حڪومت کي گهرجي ته ترت ئي پوري صوبي ۾ ڪميونٽي فارماسسٽ مقرر ڪري ته جيئن عام ماڻهو کي نه صرف دوائن ۽ ان جي مستقل علاج بابت ڄاڻ ملي سگهي گڏوگڏ انهن جي جان توڙي مال جو پڻ تحفظ ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.