ڀارت جي چنڊ تي موڪليل مشن چندريان 3 جا سگنل اچڻ بعد ٿي ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي خلائي ايجنسي ٻڌايو آهي ته چندريان 3 سان ڪيترن ئي ڏينهن کان رابطي جي ڪوشس ڪري رهيا آهيون پر مشن اڃا تائين ڪو به سگنل ناهي موڪليو.
ڀارتي خلائي ايجنسي موجب چنڊ جي ڏکڻ قطب تي شديد ٿڌ سبب بيٽرين کي نقصان پهتو آهي، اميد آهي ته بيٽريون ري چارج ٿيڻ بعد مشن ٻيهر سگنل موڪلڻ لڳندو.
چندريان 3 آگسٽ ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لٿو هو، چندريان 3 مشن تان ٻن هفتن تائين ڊيٽا ۽ تصويرون ملي رهيون هيون.
ڀارتي خلائي ايجنسي ٻه سيپٽمبر تي اعلان ڪيو هو ته چندريان ٽي مشن جي روور پرگيا کي سُمهاريو ويو ويو آهي،ٻئي ڏينهن چندريان ٽي جي لينڊر وڪرم کي به ايندڙ ٻن هفتن لاءِ سليپ موڊ تي منتقل ڪيو ويو.
ڀارتي خلائي ايجنسي ٻڌايو هو ته سليپ موڊ کان اڳ لينڊر جي ڊيٽا کي زمين تي منتقل ڪيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ پي لوڊز کي سوئچ آف ڪيو ويو، پر لينڊر جا رسيور ڪم ڪندا رهندا.
ڀارتي سائنسدانن کي اميد هئي ته اهي ٻئي 22 سيپٽمبر تي وري اُٿي پوندا.
جيتوڻيڪ وڪرم لينڊر ۽ پرگيان روور کي چنڊ تي 14 ڏينهن جي زندگي لاءِ ڊزائن ڪيو ويو هو پر ڀارتي سائنسدانن کي اميد هئي ته چنڊ تي نئين ڏينهن جي شروعات سان اهو ٻئي وري اٿي سگھندا، جيڪڏهن ائين نه ٿيو تڏهن به اهو مشن ڀارت جي قمري سفير جي طور تي اتي رهندو.
واضحر يهت چنڊ جي هڪ رات زمين جي 14 ڏينهن جي برابر هوندي آهي، 7 سيپٽمبر تي جڏهن چنڊ تي رات جي شروعات ٿي ته پرگيان روور ۽ وڪرم لينڊ سج جي روشني کان محروم ٿي ويا هئا، اهي ٻئي سولر پاور تي ڪم ڪندا آهن ته انهن لاءِ ڪم جاري رکڻ ممڪن نه هو، ان ڪري انهن کي پهريان کان ئي سليپ موڊ تي منتقل ڪيو ويو.
اهو به خبر هجي ته رات جي دوران چنڊ جي سطح جو گرمي پد منفي 133 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو آهي.
واضح رهي ته چندريان 3 مشن ۽ 14 جولاءِ تي روانو ٿيو هو.