ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊ ڪرڪيٽر هاشم آملا آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي سيمي فائنلسٽ ٽيمن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 4 ٽيمون ورلڊ ڪپ 2023 جي سيمي فائنل ۾ پهچنديون.
هاشم آملا جن چئن ٽيمن جي چونڊ ڪئي آهي انهن کي ٽورنامينٽ جي پسنديده ٽيمن ۾ ڏٺو پيو وڃي ۽ ڪرڪيٽ جا ماهر به اها اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته انهن مان هڪ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي ويندي پر هاشم آملا جي حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن پنج ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ آسٽريليا کي امڪاني سيمي سائنلسٽ ٽيمن مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
هاشم آملا جو چوڻ آهي ته ڀارت، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي سگهن ٿا.
ان کان اڳ ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽسمين ڪرس گيل پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ کي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلسٽ ٽيمن ۾ شامل ڪيو هو.
ڪرس گيل چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت فائنل ۾ پهچن ٿا ته رانديگرن کي آءِ سي سي کان تمام گهڻو معاوضو گهرڻ گهرجي ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ميچ سڄي دنيا ٽي وي تي ڏسي ٿي.