لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۽ قصور ۾ اکين جي جعلي انجيڪشنز سان اکين جو نور متاثر ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ملتان ۽ صادق آباد ۾ به اهڙا ئي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
صحت جي نگران وڏي وزير جاويد اڪرم موجب ملتان، صادق آباد ۾ به نظر متاثر ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
ٻي پاسي پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي وزير ڊاڪٽر جمال ناصر چيو آهي ته لاهور، قصور، ملتا ۽ صادق آباد ۾ ڌار ڌار ڊيلرز جعلي انجيڪشنز وڪرو ڪري رهيا هئا.
صحت جي نگران وزير موجب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جعلي انجيڪشنز جي وڪري جو ڪاروبار ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي، جعلي انجيڪشنز وڪرو ڪندڙ نيٽورڪ جو ڪو به ڪارڪن اڃا گرفتار ناهي ٿي سگھيو.
پنجاب جي صحت واري وزارت موجب جعلي انجيڪشنز ٺاهيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي دروخواست ڏئي ڇڏي آهي.
ڊاڪٽر ناصر جمال ٻڌايو ته جعلي انجيڪشنز سبب متاثر ٿيندڙ جي لسٽ به تيار ڪري رهيا آهيون.