جيڪڏهن اوهان پرڏيهي ملڪ منتقل ٿي ملازمت ڪرڻ چاهيو ٿا ته نيوزيلينڊ ان لاءِ نئوان موقعا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نيوزيلينڊ طرفان اميگريشن گرين لسٽ ۾ 17 پيشن جن ۾ جيل جي محافظ، ويلڊرز ۽ ايسوسيئيشن انجينيئر کي شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اميگريشن گرين لسٽ تحت پرڏيهي ورڪرز کي تيز رفتار بنيادن تي ٻڌل رهائش جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ان لسٽ ۾ اهڙن پيشن کي شامل ڪيو ويو آهي جن لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ورڪرز دستياب ناهن.
نيوزيلينڊ جي اميگريشن وزير اينڊريو لٽل ٻڌايو ته 2024ع کان مختلف سيڪٽرز جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالوجي، انجينيئرنگ ۽ آٽو موٽيو لاءِ گرين لسٽ ويزائن جو آپشن متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن ٻڌايو ته ڊيٽابيس ۽ سسٽمز ايڊمنسٽريٽرز، روڊ رولر آپريٽرز ۽ وهيڪل پينٽرز جهڙيون ملازمتون به ٻين ملڪ کان ايندڙ ورڪرز کي دستياب هونديون.
ڪووڊ 19 جي وبا کان پوءِ نيوزيلينڊ مختلف صنعتن ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جڏهن کان اميگريشن لسٽ ۾ مختلف شعبن کي شامل ڪيو پيو وڃي.
حڪومت کي اميد آهي ته مستقل رهائش جي آڇ سبب نيوزيلينڊ غير ملڪي ورڪرز لاءِ وڌيڪ پرڪشش ملڪ بڻجي ويندو.
حڪومتي انگن اکرن موجب اميگريشن جي شرح ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ نيوزيلينڊ ۾ هڪ سال دوران هڪ لک 35 هزار غير ملڪي ماڻهو منتقل ٿيا آهن.
Prev Post
You might also like