بينظير انڪم سپورٽ جي قسط بابت اهم اپ ڊيٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بينظير ڪفالت جي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين جي 9 هزار رپين واري قسط جاري ڪئي وئي آهي.
مستحق عورتون ادائيگي مرڪز، بينڪ جي اي ٽي ايمز يا ٻين اهڙين جاين جتي اهڙي سهولت آهي اتان رقم حاصل ڪري سگهن ٿيون.
مستحقن کي رقم ڏيڻ بعد رسيد ڏني ويندي آهي جنهن تي رقم جا تفصيل واضح لکيل هوندا آهن.
ادائيگي جي ڪابه فيس ناهي ورتي ويندي يا ڪابه ڪٽوتي ناهي ڪئي ويندي پر جيڪڏهن ڪو شخص فيس جو مطالبو ڪري ته ان جي شڪايت ڪجي.
جيڪڏهن سينٽر جو عملو شڪايت جو ازالو نٿو ڪري ته پوءِ 080026477 تي رابطو ڪجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.