لنڊن (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شفاف چونڊون چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان يا جيل ڪاٽيندڙ پارٽي جي سوين ميمبرن کانسواءِ به ٿي سگھن ٿيون.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جيل ڪاٽيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين ميمبرز ڀڃ ڊاهه جي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا، پي ٽي آءِ ۾ شامل هزارين ماڻهو جيڪي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ناهن اهي اليڪشن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا.
نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته فوج سان ويجهي واسطي جي ڳالهه سياست جو حصو آهي، ان تي ڌيان ناهيان ڏيندو، فوج ۽ وفاقي حڪومت جو واسطو گھڻو هموار، کليل ۽ شاف آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان سول ملٽري چئلينجز کي منهن ڏيندا رهندا آهيون جنهن کان انڪار ناهي، سول ملٽري لاڳاپن جي چئلينجز جا مختلف سبب آهن، ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران سول ادارن جي ڪارڪردگي خراب ٿي آهي.
You might also like