رُڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني خلاف سوين ماڻهن جو مارچ، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪڪڙ (رپورٽ: شفيع محمد جنجهه) رڪڻ ٿاڻي  جي حد ۾ بدامني تي ضابطو  نه آيو، بدامني خلاف پيارو اسٽيشن جي سوين رھواسين پيادل مارچ ڪري ڪڪڙ انڊس ھاءِ وي تي 2 ڪلاڪ ، باھيون، روڊ بلاڪ، چڪريون ايس ايڇ او کي ھٽائڻ ۽ امن بحال ڪرڻ جو مطالبو، رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ پيارو اسٽيشن توڙي مختلف 10کان وڌيڪ ڳوٺن جي علائقي واسين پاران وڌندڙ بدامني خلاف پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر غلام رسول ٽڳو، حافظ صدام حسين سمون، بھادر ٽڳو، ماجد ٽڳو، سرور سنڌي، علي نواز ملاح، حافظ نثار سمون، ميرمحمد ابڙو سميت سوين ماڻھن پيارو اسٽيشن ۽ درمحمد ابڙو کان 14ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪڪڙ ۾ انڊس ھاءِ وي روڊ تي  ڌرڻو هنيو، 2 ڪلاڪ نٽھڻ اس تي لڳل ڌرڻي دوران گاڏين جون قطارون لڳي ويون، سنڌ پنجاپ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر پريشاني جو شڪار رھيا، چڪريون پڻ ٿيون، ضلعي ڪائونسل ميمبر غلام رسول ٽڳو صدام سمون ۽ ٻين چيو ته رڪڻ ٿاڻي جي حد مان بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي، علائقي اندر  چورن تر تپائي ڇڏيو آھي، امن امان جي صورتحال خراب آھي، علائقي واسين جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن، پوليس چوري ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، پوليس ھٿ سان چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آھي، گذريل ھفتي اندر ڦرون ڌاڙا چورين جون 20 وارداتون ٿيون آھن جيڪي اڃا تائين روز جو معمول بڻيل آھي جيڪي رڪڻ پوليس واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي چوري ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ڪڪڙ پوليس زبردستي روڊ کولڻ سبب مظاھرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون جنھن بعد اڳوڻي ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي جي رابطي بعد جن جي خاطري دوران مظاھرين لڳل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.