باجوا جي مدي ۾ واڌ فتني کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري هئي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ تي ڳجهي  منصوبابندي تان پردو کڻي ڇڏيو. نجي ٽي وي چئنل جي ٽاڪ شو ۾ جڏهن راڻا ثناءُ الله کان سوال ڪيو ويو ته ڇا قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اهتمام توهان جي پارٽي ڪيو ته هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي آرمي چيف کي واڌ ڏئي فتني (پي ٽي آءِ چيئرمين) جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي، ڪجهه فيصلا وقت جي گهرجن موجب اسٽريٽيجي جو حصو هوندا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد قومي ڏوهي آهن ۽ معيشت جي تباهي جا ذميوار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.