انجري مسئلن جو شڪار پاڪستاني بالنگ اٽيڪ کي وڏو ڌچڪو لڳي ويو، فاسٽ بالر نسيم شاهه کانپوءِ هڪ ٻيو تيز بالر کي انجري سبب چئن کان پنجن مهينن تائين ڪرڪيٽ جي ميدانن کان پري رهڻو پوندو.
ذريعن موجب، پاڪستان جو باسٽ بالر احسان الله جي ٺونٺ جي موجودا انجري وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب سندس ايندڙ ڪيئي مهينن تائين ڪرڪيٽ کان پري رهڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انجري باوجود، احسان الله، پنهنجي وزن جي ايڪسرسائز جي طريقيڪار تي قائم رهيو جنهن جي نتيجي ۾ بدقسمتي سان فريڪچر ٿي ويو، انگلينڊ ۾ طبي ماهرن احسان الله جي ميڊيڪل رپورٽ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ بعد سرجري جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، انجري سبب احسان الله ايندڙ سال پاڪستان سُپر ليگ ۾ شموليت جا به امڪان گهٽجي ويا آهن.