مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ سٺي خبر، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته رپئي جي قدر ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
اختيارين موجب پهرين آڪٽوبر کان 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه گهٽجي سگهي ٿي، ان سان گڏوگڏ گاسليٽ به سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 11 رپيا 98 پئسا، ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 17 پئسا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 5.58 رپيا في ليٽر گهٽجي سگهي ٿي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان جاري رهيو ۽ رپئي جي قدر ۾ بهتري رهي ته عوام کي مڪمل رليف نه ملي سگهندو پر جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽيو ته عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو فيصلو حڪومت 30 سيپٽمبر تي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.