حفيظ ٽيڪنيڪل ڪميٽي تان استعيفيٰ ڇو ڏني؟ ڪارڻ سامهون اچي ويو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ جو پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.

گذريل ڏينهن ايڪس تي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڪرڪيٽ ڪيمٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي لکيو ته مون اعزاز ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون.

سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڪميٽي ۾ ذميواري ڏيڻ لاءِ ذڪاءَ اشرف جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ سدائين نيڪ خواهشون رهنديون.

محمد حفيظ چيو ته جڏهن به ذڪاءَ اشرف کي منهنجي ضرورت محسوس ٿي مان حاضر هوندس.

پر هاڻي محمد حفيظ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪاڙڻ سامهون اچي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ ۽ مصباح الحق جي تجويزن تي غور نه ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ڪپتان ۽ ڪوچز کان اسپنرن جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريا.

ڪميٽي عماد وسيم کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ هئي پر شاداب خان تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ کيس نائب ڪپتاني تان هٽائڻ جي به تجويز ڏني وئي پر بابر اعظم شاداب حق ۾ ڄمي بيهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.