نادرا تي ڊگهين قطارن کان تنگ شهرين جو مسئلو حل!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا سينٽرن تي ڊگهين قطارن کان بيزار شهرين لاءِ سٺي خبر آهي ته هاڻ بنا قطار ۽ انتظار جي قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي نواڻ سميت ٻيون سهولتون ڊاڪ خانن ۾ ڏنيون ويون آهن.
ڪراچي ۾ 10 جنرل پوسٽ آفيسن (جي پي اوز) ۾ شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊن جي حوالي سان سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن، جتي نادرا سهولتن جي فراهمي لاءِ نادرا سسٽم سان جڙيل اوزار لڳل آهن.
پوسٽ آفيس ڪائونٽرز تي سڃاڻپ ڪارڊن جي نواڻ، گم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ جو متبادل جاري ڪرڻ سميت ٻيون سهولتون موجود آهن.
ان کانسواءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ جي هڪ سال تائين پوسٽ آفيس مان نواڻ ڪرائي سگهجي ٿي ۽ گهر جي پتي جي تبديلي، صحيح ۽ تصوير ۾ ترميم به ڪرائي سگهجي ٿي.
هوڏانهن پوسٽ آفيس ۾ بلڊ رليشن جي بائيو ميٽرڪ جي سهولت موجود ناهي، جنهن لاءِ فارم جي 16هين گريڊ جي آفيسر کان نواڻ لازمي آهي، جڏهن ته ايف آر سي ۽ (ب) فارم جاري ڪرڻ جي سهولت به ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان پوسٽ آفيس تي ڪائونٽرز جو نادرا سان معاهدو 10 سالن لاءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.